سنڌي ڊرامي جي تاريخ

سنڌي ڊرامي جي تاريخ (مختصر تحقيقي جائزو) (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نوجوان اديب آفتاب حسين کوهاري جو ايم. اي جو مونوگراف آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ڊرامي جو مختصر تحقيقي جائزو ورتو آهي. هيءُ ڪتاب چئن بابن تي مشتمل آهي، جنهن جي پهرين باب ۾ ڊرامي جي وصف، ڊرامي جا فني جزا، ڊرامي جا قسم، باب ٻئي ۾ سنڌي ڊرامي جي ارتقائي تاريخ، باب ٽئين ۾ سنڌ جي ناٽڪ منڊلين تي پيش ڪيل سنڌي ڊرامي جو مختصر جائزو ۽ باب چوٿين ۾ 1947ع کان پوءِ سنڌي ڊرامي جو مختصر جائزو شامل آهن.
ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نور افروز خواجه لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ڊرامي جو سراسري جائزو ورتو ويو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي ڊرامي جي تاريخ جي حوالي ڪافي اهم ڪتاب آهي.
95 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي آفتاب ادب پبليڪيشن ڪوٽڙي 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


لفظ سنڌي ڊرامي جي تاريخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو